پوڄا ٿيئٽرس، بمبئي

پوڄا ٿيئٽرس، بمبئي: 1970ع ۾ سنڌي ناٽڪ جي نامور ڪلاڪار پرتاب پرسواڻيءَ جي سرپرستيءَ هيٺ هيءُ ٿيئٽر بمبئي ۾ قائم ٿيو. هن جو ليکڪ ۽ هدايتڪار پرتاب پرسواڻي هو. هن ٿيئٽر جا پيش ڪيل مشهور ناٽڪ ٻال برهمچاري، ڪچا ڌاڳا پريم جا، عورت ۽ بوتل، بابا مون توبهه ڪئي، ليڊر ۽ ڀلي ڪري آيا وغيره هئا. هنن ڊرامن ۾ سشي بولاڪاڻي، ڀيرو ڀمڀاڻي، کيئل گوالاڻي، منوج ڪمار، مهيندر پنجواڻي، رام رسيلا، چندر گيانچنداڻي رام لهيجا، ونود پرتاب پرسواڻي ۽ ٻين اداڪارن حصو ورتو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو